تازہ ترین

آذر بائيجان جي صدر طرفان پاڪستان ۾ 2 ارب ڊالرز جي سيڙپڪاري جو اعلان

پاڪستان ۾ 2 ارب ڊالرز جي سيڙپڪاري جو جائزو وٺي رهيا آهيون، پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ پريشان ڪندڙ هئي

باڪو (انٽرنيشنل ڊيسڪ) آذر بائيجان جي صدر طرفان پاڪستان ۾ 2 ارب ڊالرز جي سيڙپڪاري جو اعلان.

پاڪستان ۾ 2 ارب ڊالرز جي سيڙپڪاري جو جائزو وٺي رهيا آهيون، پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ پريشان ڪندڙ هئي.

2020ع جي جنگ ۾ ترڪيه ۽ پاڪستان اسان جي مدد ڪئي، پاڪستان ۽ ترڪيه سان دفاع سميت مختلف شعبن ۾ ڀائيواري وڌايون پيا.

ٽنهي ملڪن وچ ۾ دفاعي شعبي ۾ سهڪار جا وڏا امڪان آهن، آذر بائيجان جي صدر الهام عليوف جو لاچين ۾ ٽه ملڪي اجلاس کي خطاب.

ترڪ صدر رجب طيب اردگان چيو ته ٽنهي ملڪن جا لاڳاپا گڏيل احترام ۽ اعتماد تي ٻڌل آهن.

ٽنهي ملڪن ۾ اسٽريٽجڪ ڀائيواري مضبوط بڻائڻ جا خواهشمند آهن، پاڪستان ۽ ڀارت ۾ جنگبندي تي اطمينان آهي.

هن چيو ته گڏيل هدف حاصل ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، خطي جو امن تباهه ڪندڙن خلاف بيٺل رهنداسين.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.