تازہ ترین

ڀارت پاڪستان جو پاڻي روڪڻ چاهي ٿو پر اهو ڪڏهن به نه ٿي سگهندو: وزيراعظم شهباز شريف

امن جا خواهشمند آهيون ۽ هميشه امن جي ڳالهه ڪئي آهي، مسئلا ڳالهين جي ميز تي ويهي حل ڪرڻ چاهيون ٿا: ڪانفرنس کي خطاب

لاچين (انٽرنيشنل ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ڀارت پاڪستان جو پاڻي روڪڻ چاهي ٿو پر اهو ڪڏهن به نه ٿي سگهندو.

وزيراعظم شهباز شريف آذربائيجان جي شهر لاچين ۾ ٽه ملڪي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته پاڻي 24 ڪروڙ ماڻهن جي لائف لائن آهي.

هن چيو ته امن جا خواهشمند آهيون ۽ هميشه امن جي ڳالهه ڪئي آهي، مسئلا ڳالهين جي ميز تي ويهي حل ڪرڻ چاهيون ٿا.

وزيراعظم چيو ته ڪشمير تڪرار جو حل ٺهرائن ۽ اتان جي عوام جي خواهشن پٽاندڙ ٿيڻ گهرجي، پهلگام واقعي تي ڀارت کي سهڪار جي آڇ ڪئي.

ڀارت بنا شاهدين جي پاڪستان تي الزام لڳايو، پهلگام واقعي جو بهانو بڻائي ڀارت اڳرائي جو رستو اختيار ڪيو.

ڇڪتاڻ دوران فيلڊ مارشل پيشوراڻي انداز ۾ قائداڻو ڪردار ادا ڪيو، چوي ٿو پاڪستان خوش قسمت آهي ته ترڪيه ۽ آذربائيجان جهڙا دوست آهن.

ٽئي ملڪ مذهب، قدرن، ثقافت ۽ تاريخ ذريعي ڳنڍيل آهن، ٽئي ملڪ بنياد مسئلن تي هڪٻئي جي حمايت ڪندا آهن.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.