مقتول مال جي واڙي تي اڪيلو رهندو هو، رات دير سان هٿياربند فائرنگ ڪري کيس قتل ڪيو: ڀاءُ
ڇور (ويب ڊيسڪ) ڇور ڀرسان ڳوٺ شفيع منگريو ۾ مال جي واڙي تان پيرسن جو گوليون لڳل لاش هٿ آيو.
مقتول جي ڀاءُ جو چوڻ آهي ته نبي بخش مڱريو مال جي واڙي تي اڪيلو رهندو هو، رات دير سان اڻڃاتل هٿياربند فائرنگ ڪري کيس قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا.
پوليس موجب واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي، پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد وڌيڪ خبر پوندي.