تازہ ترین

يورپي ملڪ مالٽا فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

غزه ۾ جاري انسانيت لڄايندڙ الميي تي اکيون بند نٿا ڪري سگھون: مالٽا جو وزيراعظم رابرٽ ابيلا

ويليٽا (انٽرنيشنل ڊيسڪ) يورپي يونين جي ملڪ مالٽا فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

مالٽا جي وزيراعظم رابرٽ ابيلا تصديق ڪري ڇڏي، مالٽا 20 جون 2025 تي فسلطيني رياست کي باضابطا طور تي تسليم ڪندو.

مالٽا جي وزيراعظم چيو ته غزه ۾ جاري انسانيت لڄايندڙ الميي تي اکيون بند نٿا ڪري سگھون، فلسطين کي رياست تسليم ڪرڻ اسان جي اخلاقي ذميواري آهي.

مالٽا جي وزيراعظم وڌيڪ چيو ته اسرائيل فلسطين تڪرار تي 20 جون تي ٿيندڙ گڏيل قومن جي ڪانفرنس کان پوءِ فلسطيني رياست کي تسليم ڪنداسين.

ٻئي طرف فلسطيني عملدارن چيو آهي ته اسرائيل غزه جي 77 سيڪڙو حصي تي ملي طور ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو آهي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.