عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 2 جون 2025 تائين ملتوي ڪري ڇڏي
لاهور (نيشنل ڊيسڪ) سيشن ڪورٽ لاهور ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي پي ٽي آءِ باني عمران خان خلاف عزت تي حملي واري دعويٰ جي ٻڌڻي ٿي.
ڪيس جي ٻڌڻيءَ دوران پي ٽي آءِ باني عمران خان جي وڪيل شهباز شريف کان جرح ڪئي.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته محمد حسين چوٽيا صاحب ڏاڍو پروفيشنل آهي، اها ڳالهه وري ٿو چوان، مون تي بدديانتيءَ جو وڏو الزام لڳايو ويو هو، 10 ارب رپين جو الزام لڳايو ويو هو، هي سڌو ڪيس آهي.
وڪيل چيو وزيراعظم شهباز شريف کي چيو ته توهان پاناما ڪيس جي باري ڇا ٿا ڄاڻو؟
شهبزا شريف چيو ته اخبارن ۾ پاناما پيپرز جو ذڪر آيو هو، مون کي ان جي تفصيلن بابت ڪا ب ڄاڻ نه آهي.
پي ٽي آءِ باني عمران خان جي وڪيل چيو ته پاناما ڪيس جو فيصلو ڪهڙو آيو هو؟ وزيراعظم چيو ته پاناما ڪيس مون خلاف نه هو، فيصلي جي خبر ناهي.
عمران خان جي وڪيل سوال ڪيو ته پاناما ڪيس ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون ڌريون هيون؟ شهباز شريف چيو ته مان ڌر نه هئس پر اهو سڀ رڪارڊ جو حصو آهي.
وڪيل چيو ته پاناما ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ باني جي مدعيت ۾ ۽ مدعا عليه نوازشريف هو.
شهباز شريف چيو ته هوندو پر مان ڪيس جي ڌر نه هئس، مون کي تفصيلن جي خبر نه آهي.
عمران خان جي وڪيل جي وزيراعظم شهباز شريف کان جرح مڪمل ٿيڻ تي عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 2 جون 2025 تائين ملتوي ڪري ڇڏي.