پاڪستان جو نالو روشن ڪرڻ تي نائلا ڪياني کي ڀيٽا پيش ڪيون ٿا: صدر آصف علي زرداري
اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) صدر پاڪستان پاران پاڪستاني جبل چاڙهو نائلا ڪياني کي ڪنچن جنگا چوٽي سر ڪرڻ تي واڌايون ڏنيون ويون.
صدر آصف علي زرداري پاران نائلا ڪياني جي مستقبل لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار، صدر پاران دنيا جي ٽئين بلند ترين چوٽي پار ڪرڻ تي نائلا ڪياني جي واکاڻ ڪئي وئي.
صدر پاڪستان جو چوڻ هو ته پاڪستان جو نالو روشن ڪرڻ تي نائلا ڪياني کي ڀيٽا پيش ڪيون ٿا، پاڪستان جي عورتن وٽ صلاحيتون آهن، مختلف شعبن ۾فرض ادا ڪن پيون.
صدر زرداري چيو ته جبل سر ڪرڻ واري شعبي ۾ عورتن جو اڳتي اچڻ سٺو سنئوڻ آهي.
پاڪستاني جبل چاڙهو نائلا ڪياني ڪنچن جنگا چوٽي سر ڪندڙ پهرين پاڪستاني عورت بڻجي وئي.