24 ڪلاڪن اندر پاڪستان ڇڏڻ جي هدايت: پاڪستان جو پرڏيهي ترجمان
اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) پاڪستان ڀارتي هاءِ ڪميشن جي اهلڪار کي اڻ وڻندڙ قرار ڏئي ڇڏيو، 24 ڪلاڪن اندر پاڪستان ڇڏڻ جي هدايت.
ڀارت طرفان پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي وڌيڪ هڪ اهلڪار کي اڻ وڻندڙ شخصيت قرار ڏئي ملڪ ڇڏڻ جي حڪم کان پوءِ پاڪستان جو قدم.
پرڏيهي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڀارتي سفارتي اهلڪار شڪي سرگرمين ۾ ملوث هو، ڀارتي ناظم الامور کي پرڏيهي آفيس گهرائي فيصلي کان آگاهه ڪيو ويو.