مون پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ جنگبندي ڪرائي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ مسئلو وڌي رهيو هو: ڳالهيون
واشنگٽن (انٽرنيشنل ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آمريڪا، پاڪستان ۽ ڀارت سان وڏا معاهدا ڪرڻ وڃي رهيو آهي.
مون پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ جنگبندي ڪرائي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ مسئلو وڌي رهيو هو.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مون مداخلت ڪري ٻنهي ملڪن کي چيو ته اوهان ڇا پيا ڪيو؟
ٽرمپ چيو ته پاڪستان جا ماڻهو بهترين آهن، قيادت عظيم اڳواڻن جي هٿن ۾آهي، ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي به سندس دوست آهي.