اڄ کان 24 مئي تائين سنڌ، ڏکڻ پنجاب ۽ بلوچستان ۾ گرمي پد معمول کان 4 کان 6 ڊگري سينٽي گريڊ وڌيڪ رهندو
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ جا اڪثر ميداني علائقا چئن ڏينهن تائين سخت گرمي جي لهر جي اثر هيٺ رهندا.
موسميات کاتي خبردار ڪندي چيو آهي ته اڄ کان 24 مئي تائين سنڌ، ڏکڻ پنجاب ۽ بلوچستان ۾ ڏينهن جو گرمي پد معمول کان 4 کان 6 ڊگري سينٽي گريڊ وڌيڪ رهڻ جو امڪان آهي.
سينٽرل ۽ مٿانهين پنجاب، اسلام آباد، ڪي پي، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ گرمي پد معمول کان 4 کان 6 ڊگري سينٽي گريڊ رهي سگهي ٿو.