تازہ ترین

عوام تي ايندڙ سال 194 ارب رپيا اضافي پيٽروليم ليوي جو وزن وجھڻ جون تياريون

پيٽروليم ليوي جي اوڳاڙيءَ جو ڪاٿو هڪارب 311 ارب رپيا لڳايو ويو آهي: آءِ ايم ايف رپورٽ

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) ايندڙ مالي سال 26-2025 جي شروعات تي عوام پهرين جولاَ کان پيٽروليم ليوي جي ڏس ۾ ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو وزن برداشت ڪندو.

آءِ ايم ايف جي رپورٽ موجب نئين مالي سال لاءِ پيٽروليم ليوي جي اوڳاڙيءَ جو ڪاٿو هڪارب 311 ارب رپيا لڳايو ويو آهي، جيڪو 30 جون تي ختم ٿيندڙ هلندڙ مالي سال جي مقابلي ۾194 ارب رپين کان وڌيڪ آهي.

هن وقت به عوام پيٽروليم ليوي جي لاڳيتي وڌندڙ وزن جي هيٺ آهي، ۽ ايئن ايندڙ مالي سال ۾ شهرين تي ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو وزن برداشت ڪرڻ تي مجبور ٿي سگھي ٿو.

آءِ ايم ايف رپورٽ موجب هلندڙ مالي سال 25-2024 جي مقابلي ۾ ايندڙ مالي سال 26-2025 لاءِ پيٽروليم ليوي جي اوڳاڙي ۾ 194 ارب رپيا اضافي جو امڪان آهي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.