پاڪستان، چين ۽ افغانستان جا پرڏيهي وزير بيجنگ ۾ ملاقات ڪندا
اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) نائب وزيراعظم اسحاق ڊار اڄ کان 21 مئي تائين چين جو دورو ڪندو.
پاڪستان، چين ۽ افغانستان جا پرڏيهي وزير بيجنگ ۾ ملاقات ڪندا، اسحاق ڊار اڄ چين جي دوري بيجنگ ويندو.
اسحاق ڊار بيجنگ ۾ چيني پرڏيهي وزير سان ڳالهيون ڪندو، افغانستان جو وقتي پرڏيهي وزير اعظم خان متقي 20 مئي تي چين پهچندو.
پاڪستان، چين ۽ افغانستان جي پرڏيهي وزيرن وچ ۾ بيجنگ ۾ ملاقات رٿيل.
ٽنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار کي هٿي، سهڪار ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي.
ٽنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ملاقات دوران پاڪ-ڀارت تڪرار کان پوءِ واري صورتحال تي به غور ويچار ڪيو ويندو.