مسٽر مودي ٻيهر حرڪت ڪئي ته منهن ڏيکارڻ جهڙو نه رهندو، پاڪستان امن ۽ جنگ لاءِ تيار آهي: شهباز شريف
سيالڪوٽ (نيشنل ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ڀارت ٻيهر اڳرائي ڪئي ته کيس اهڙو جواب ڏينداسين جو هن ڪڏهن سوچيو ئي نه هوندو.
هن چيو ته مسٽر مودي ٻيهر حرڪت ڪئي ته منهن ڏيکارڻ جهڙو نه رهندو، پاڪستان امن ۽ جنگ لاءِ تيار آهي، رفال جي تڪبر ۾ ڀارت جو غرور مٽي ۾ ملجي ويو.
سيالڪوٽ ۾ پسرورو ڇانوڻي جي دوري دوران فوجي جوانن ۽ آفيسرن کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڻي اسان جي لاءِ ريڊ لائين آهي، جيڪڏهن پاڻي بند ڪيو ويو ته رت ۽ پاڻي گڏ وهندو.
اسان فوجي مهارت، همت ۽ جوان مردي ۾ دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو، بهادر فوج وطن ۽ 24 ڪروڙ عوام جي وقار ۾ اضافو ڪيو.
وزيراعظم وڌيڪ چيو ته دنيا پاڪستان جي فوجي صلاحيتن جو اعتراف ڪيو آهي، پاڪستان خطي ۾ امن چاهي ٿو.
وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته اسان جي امن جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، بي ايل اي ۽ ٽي ٽي پي جا لاڳاپا ڀارت سان آهن.