سنڌ، پنجاب، بلوچستان، ڪي پي، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان هيٽ ويو جي لپيٽ ۾ رهندا
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ جي اڪثر حصن ۾ اڄ کان 20 مئي تائين هيٽ ويو جو امڪان ظاهر.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته پنجاب، سنڌ، بلوچستان، ڪي پي، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ 20 مئي تائين گرمي پد 5 کان 7 ڊگري سينٽي گريڊ کان وڌيڪ رهندو.
مٿانهن علائقن ۾ گرمي پد وڌڻ سبب برف پگهرڻ جي رفتار تيز ٿيڻ جو خدشو آهي.