تازہ ترین

ٻارنهن مئي سانحي کي 18 سال مڪمل، ذميوار قانون جي پڪڙ کان آجا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچيءَ جي روشنين واري شهر ۾ ٿيندڙ 12 مئي سانحي کي 18 سال گذري ويا پر ان واقعي جا ذميوار اڄ به قانون جي ڪوڙڪيءَ کان آزاد آهن.

ٻارنهن مئي سانحي جي ٻڌڻيءَ هيٺ 7 ڪيسن مان هڪ ڪيس جو فيصلو ٿيو جنهن ۾ جوابدارن کي بَري ڪيو ويو، جڏهن ته 6 ڪيس دهشتگرديءَ جي انت واري عدالتن ۾ هلندڙ آهن.

ٻارنهن مئي 2007ع تي ڪراچيءَ ۾ قتل ڪيل 50 کان وڌيڪ شهرين جا ڪٽنب اڄ به انصاف جا منتظر آهن.

ياد رهي ته 12 مئي 2007ع تي فائرنگ جا واقعا ان وقت جي چيف جسٽس افتخار چوڌري جي ڪراچي آمد تي پيش آيا هئا.

ڪراچيءَ جي هر روڊ، هر چوڪ ۽ گھٽيءَ مان جديد هٿيارن سان ليس هٿياربند نڪري آيا هئا جن 12 ڪلاڪن تائين ڪراچيءَ جي روڊن تي رتوڇاڻ جاري رکي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.