تازہ ترین

ٺٽي جي تاريخي شاهه جهان مسجد جو شاهي خطيب لاڏاڻو ڪري ويو

مولانا عبدالباسط صديقي شاهه جهان مسجد جو نائون شاهي خطيب هو

ٺٽو (ويب ڊيسڪ) ٺٽي جي تاريخي شاهه جهان مسجد جو پيش امام مولانا عبدالباسط صديقي لاڏاڻو ڪري ويو.

مفتي مولانا شاڪر والد جي لاڏاڻي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته سندس والد مولانا عبدالباسط صديقي شاهه جهان مسجد جو نائون شاهي خطيب هو.

مفتي مولانا شاڪر ٻڌايو ته مرحوم مولانا عبدالباسط صديقيءَ جي جنازي نماز اڄ ٻن پهرن جي نماز کان پوءِ شاهه جهان مسجد ٺٽو ۾ ادا ڪئي ويندي.

مولانا عبدالباسط صديقيءَ کي گذريل رات دل جو دورو پوڻ تي سول اسپتال مڪلي نيو ويو هو جتي هو لاڏاڻو ڪري ويو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.