سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

غزا تي اسرائيلي حملا جاري، 20 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد

غزا (انٽرنيشنل ڊيسڪ) غزا تي اسرائيلي حملا جاري آهن، جن جي نتيجي ۾ 20 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي ويا.

اسرائيلي گاديءَ واري هنڌ تل ابيب ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن ۾ فلسطينين وٽان آزادي ماڻيندڙ يرغمالين به ڀرپور شرڪت ڪئي.

احتجاجي مظاهري ۾ شريڪ ماڻهن ٽرمپ ۽ نيتن ياهو کان فوري جنگبنديءَ ۽ يرغمالين جي آزاديءَ جو مطالبو ڪيو.

ٻئي طرف جرمن پرڏيهي وزير غزا مسئلي جي فوجي طاقت سان حل کي سختيءَ سان رد ڪري ڇڏيو.

والاريل بيت المقدس ۾ اسرائيلي هم منصب سان پريس ڪانفرنس ۾ جرمن پريهي وزير چيو ته جنگ جو خاتمو سياسي حل سان ئي ممڪن آهي.

Related posts

Leave the first comment