دنيا جي ذميواري آهي ته ڀارت کي سمجهائي، ان ڪهڙي غلطي ڪئي آهي: بيان جاري
اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته فتح پاڪستان جي ٿيندي، ڪارروائي دفاعي قدم طور شروع ڪئي.
پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته دنيا جي ذميواري آهي ته ڀارت کي سمجهائي، ان ڪهڙي غلطي ڪئي آهي.
اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته ڀارت خطي جو سپر پاور بڻجڻ جي شوق ۾ خطي جي امن کي جنگ آڙاهه طرف ڌڪي رهيو آهي.
اهو نٿو ٿي سگهي ته ڀارت پنهنجو ڪم ڪندو رهي ۽ اسان انتظار ڪندا رهون، ڀارت گذريل 48 ڪلاڪن ۾ بار بار ڪوڙ ڳالهايا، ڀارت لڪي لڪي اسان تي ميزائل ۽ ڊرون حملا ڪندو رهيو.