تازہ ترین

ڀارتي اڳرائيءَ خلاف پاڪستان پاران آپريشن ”بُنيانُ المرصوص“ (شِيهي جي ديوار) شروع

پاڪستان جي جنگي جهازن، جديد ڊرون ۽ ميزائلز ڀارت جي ملٽري ٿاڪن ۾ تباهي مچائي ڇڏي، جي ايف 17 ٿنڊر جا ڀارتي فضائن ۾ جلوا

راولپنڊي (نيشنل ڊيسڪ) ڀارتي اڳرائيءَ خلاف پاڪستان پاران آپريشن ”بُنيانُ المرصوص“ (شيهي جي ديوار) شروع ڪيو ويو.

پاڪستان جي جنگي جهازن، جديد ڊرون ۽ ميزائلز ڀارت جي ملٽري ٿاڪن ۾ تباهي مچائي ڇڏي، ڪيترائي فوجي ٿاڪ تباهه ڪيا ويا.

پاڪستاني ميزائلن اڳيان ڀارت جو ايس 400 ڊفينس ميزائل سسٽم مڪمل طرح ناڪام ٿي ويو، ڀارت جي 10 وڏن ھدفن کي نشانو بڻايو ويو.

سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته پٺاڻ ڪوٽ ۾ ايئر فيلڊ، آدم پور جي ڀارتي ايئر بيس، آرٽلري گن پوزيشن دهر نگياري، براهموس سٽوريج سائٽ، اوڌم پور ايئر بيس، برگيڊ هيڊ ڪوارٽر ڪي جِي ٽاپ، اڙي سپلائي ڊپو کي به مڪمل تباهه ڪيو ويو.

بياس جي علائقي براهموس ميزالن جي ذخيري کي به نشانو بڻايو ويو.

پاڪستاني سائبر حملي ذريعي هندستان جي 70 سيڪڙو بجلي بند ٿي وئي، ڀارتي راڄڌاني نئين دهلي جي فضائن ۾ پاڪستاني ڊرونز جون اڏامون.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.