تازہ ترین

پاڪستان پهلگام واقعي جي اڻڌري ۽ شفاف جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

پنهنجي دفاع لاءِ هر حد تائين وينداسين، ڀارت ڪا اڳرائي ڪئي ته ڀرپور جواب ڏبو: عطا تارڙ

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) پاڪستان پهلگام واقعي جي اڻڌري ۽ شفاف جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته پنهنجي خودمختياري جي دفاع لاءِ هر حد تائين وينداسين، جيڪڏهن ڀارت ڪا اڳرائي ڪئي ته ان جو ڀرپور جواب ڏينداسين.

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ جون عالمي ۽ مقامي ميڊيا نمائندن سان گڏ ايل او سي جي دوري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اڄ اسان عالمي ميڊيا آڏو سموريون حقيقتون رکي ڇڏيون آهن.

ڀارت پنهنجون ناڪاميون لڪائڻ لاءِ بي بنياد الزام هنيا آهن، والاريل ڪشمير ۾ 9 لک ڀارتي فوجي مقرر آهن.

سڌ سماءَ واري وفاقي وزيرعطا تارڙ جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڇا 9 لک فوج جي موجودگي ۾ پهلگام واقعو ٿيڻ سيڪيورٽي ناڪامي ناهي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.