تازہ ترین

اڻٽيهه ۽ 30 اپريل جِي رات ڀارتي حملي جو اطلاع هو، پاڪ فوج ڀارتي ڪوشش کي ناڪام بڻايو

ڀارت جا کنيل قدم خطي ۽ دنيا جي امن لاءِ خطرو آهن، ڀارت خطي کي جنگ ڏانهن ڌڪڻ چاهي ٿو

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته 29 ۽ 30 اپريل جِي رات ڀارتي حملي جو اطلاع هو، پاڪ فوج ڀارتي اڳرائي جي ڪوشش کي ناڪام بڻايو.

اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان ڀارت جي ڪنهن به اڳرائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهي.

هن چيو ته ڀارت جا کنيل قدم خطي ۽ دنيا جي امن لاءِ خطرو آهن، ڀارت خطي کي جنگ ڏانهن ڌڪڻ چاهي ٿو.

ڀارت پهلگام فالز فليگ آپريشن جو ڊرامو، پهلگام واقعي جو مقصد ڀارت ۾هلندڙ تحريڪن تان ڌيان هٽائڻ آهي.

ڀارت جي ڪيترن ئي رياستن ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ٿين پيون، پاڪستان خطي ۾ امن جو خواهشمند آهي.

نائب وزيراعظم چيو ته اسان هميشه جارحيت خلاف آواز اٿاريو آهي، ڀارت سنڌ طاس معاهدو هڪطرفي طور معطل نٿوڪري سگهي.

ڀارتي پابندين کانپوءِ سلامتي ڪميٽي اهم فيصلا ڪيا، قومي سلامتي ڪميٽي جي فيصلن تي فوري عمل ڪيو ويو، اسان 45 ملڪن جي سفيرن سان رابطو به ڪيو آهي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.