تازہ ترین

خيبرپختونخوا ۾ سڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون، 5 خارجي دهشتگرد مارجي ويا، 2 گرفتار

30 اپريل ۽ پهرين مئي تي خيبرپختونخوا ۾ 3 ڪارروايون ڪيون ويون: آءِ ايس پي آر

باجوڙ (نيشنل ڊيسڪ) خيبرپختونخوا ۾ سڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون، 5 خارجي دهشتگرد مارجي ويا، 2 گرفتار.

آءِ ايس پي آر موجب 30 اپريل ۽ پهرين مئي تي خيبرپختونخوا ۾ 3 ڪارروايون ڪيون ويون.

فورسز دهشتگردن جي موجودگي جي ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو، باجوڙ ۾ ڪارروائي دوران دهشتگرد فريدالله سميت 3 خارجي مارجي ويا.

مارجي ويل خارجي دهشتگردن وٽان هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو هٿ ڪيو ويو.

هوڏانهن اتر وزيرستان جي علائقي دوسالي ۾ آپريشن دوران 2 خارجي مارجي ويا.

ٻئي طرف مهمند ايجنسي مان انتهائي گهربل خارجي لال امير عرف ابراهيم کي فورس گرفتار ڪري ورتو آهي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.