تازہ ترین

سنڌ سميت سموري دنيا ۾ اڄ صحافت جي آزادي جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي

پاڪستان جو آئين اظهارِ راءِ جي آزادي جي ضمانت ڏئي ٿو: صدر /وزيراعظم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ سميت سموري دنيا ۾ اڄ صحافت جي آزادي جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي.

صدر آصف علي زرداري پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته پاڪستان جو آئين اظهارِ راءِ جي آزادي جي ضمانت ڏئي ٿو.

دنيا تائين حقيقتون پهچائڻ ۾ صحافين جون قربانيون تاريخ جو سنهري باب آهن، ڪوڙين خبرن ۽  غلط معلومات سبب ميڊيا جي ذميواري وڌيڪ وڌي وئي آهي.

صدر پنهنجي جاري ڪيل پيغام ۾ وڌيڪ چيو ته اعليٰ صحافتي معيار، خبرن جي درستگي ۽ پيشه وراڻي مهارت کي برقرار رکڻ گهرجي.

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڪرپشن جي خاتمي ۽ پوئتي پيل طبقن لاءِ آواز اٿارڻ ۾ ميڊيا جو اهم ڪردار آهي، فِيڪ نيوز جي خاتمي لاءِ ميڊيا سان گڏجي قانون سازي ڪئي آهي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.