تازہ ترین

ڀارت کي ڪنهن به فوجي مس ايڊونچر جو فوري ۽ ڀرپور جواب ڏنو ويندو: آرمي چيف

پاڪستان علائقائي امن لاءِ پرعزم، قومي مفادن جي تحفظ لاءِ اسان جي تياري ۽ ارادا اڻٽٽ آهن

ٽلا فيلڊ (نيشنل ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته ڀارت کي ڪنهن به فوجي مس ايڊونچر جو فوري ۽ ڀرپور جواب ڏنو ويندو.

جوانن کي خطاب ڪندي سندس چوڻ هو ته پاڪستان علائقائي امن لاءِ پرعزم آهي، قومي مفادن جي تحفظ لاءِ اسان جي تياري ۽ عزم اڻٽٽ آهي.

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير ٽلا فيلڊ فائرنگ رينج جو دورو ڪيو ۽ هيمر اسٽرائيڪ مشق جو مشاهدو ڪيو.

آرمي چيف آفيسرن ۽ جوانن جي جذبي کي پاڪ فوج جي آپريشنل مهارت قرار ڏنو ۽ وڙهڻ واري صلاحيت ۽ جذبي کي واکاڻيو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.