تازہ ترین

May 2, 2025

Year : 2025

سعودي عرب سميت دوست ملڪ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي لاءِ ڀارت تي دٻاءُ وجهن: وزيراعظم شهباز شريف

وزيراعظم شهباز شريف سان سعودي سفير نواف بن سعيد المالڪي جي ملاقات، پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ تي ڳالهيون رياض (انٽرنيشنل ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته سعودي عرب سميت دوست ملڪ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي لاءِ ڀارت تي دٻاءُ وجهن. دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان وڏو جاني ۽ مالي نقصان برداشت ڪيو آهي، پاڪستان جون قربانيون […]

دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ لاءِ پاڪ فوج جون جنگي مشقون جاري

جنگي مشقن جو مقصد دشمن جي ڪنهن به جارحيت جو سخت جواب ڏيڻ آهي: سيڪيورٽي ذريعا راولپنڊي (نيشنل ڊيسڪ) دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ لاءِ پاڪ فوج جون جنگي مشقون جاري. سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته مشقن ۾ جديد هٿيارن جو مظاهرو ڪيو پيو وڃي. جنگي مشقن جو مقصد دشمن جي ڪنهن به […]

ڪراچي مان گڏهن جون کلون چين اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام

ڪسٽم عملدارن بندرگاهه تان 8 ڪروڙ ماليت جون کلون هٿ ڪري ورتيون ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي مان گڏهن جون کلون چين اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي وئي. سنڌ ڪسٽم کاتي جي ٽيم بندرگاهه تان 8 ڪروڙ ماليت جون کلون هٿ ڪري ورتيون، ڪيس داخل ڪيو ويو. ڪسٽم عملدران جو چوڻ آهي ته چمڙي جي […]

سکر: بئراج ڪالوني واسي نوجوان وڪيل 4 ڏينهن کان پر اسرار نموني گم، احتجاج

چار ڏينهن اڳ ڀاءُ دوستن سان گڏ مقامي هوٽل تي ويو ته واپس گهر ناهي موٽيو: وارث سکر (ويب ڊيسڪ) سکر  جي بئراج ڪالوني واسي نوجوان وڪيل مبين سولنگي چئن  ڏينهن کان پر اسرار نموني گم، وارثن جو بازيابي لاءِ پريس ڪلب آڏو احتجاج. نوجوان جي وارثن جو چوڻ آهي ته چار ڏينهن اڳ ڀاءُ […]

ڪورنگي ڪراسنگ ويجهو واٽر ٽينڪر جي ٽڪر ۾ عورت فوت، هڪ زخمي

مڇريل ماڻهن ٽينڪر کي باهه ڏئي ڇڏي، ڪلينر تي سخت تشدد ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ڪورنگي ڪراسنگ ويجهو واٽر ٽينڪر جي ٽڪر ۾ عورت ريحانه فوت، هڪ ڄڻو زخمي. حادثي کان پوءِ فوتي عورت جو لاش ۽ زخمي اسپتال منتقل، مڇريل ماڻهن ٽينڪر کي باهه ڏئي ڇڏي، ڪلينر تي سخت تشدد.

ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدي جي معطلي بعد هنگامي قانوني ۽ آئيني صلاح مشورا جاري

پرڏيهي معاملن، پاڻي وسيلن ۽ قانون جي وزارتن پنهنجو شروعاتي هوم ورڪ ڪري ورتو لاهور (نيشنل ڊيسڪ) ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدي جي معطلي بعد هنگامي قانوني ۽ آئيني صلاح مشورا جاري، شروعاتي هوم ورڪ مڪمل. ذريعن موجب پرڏيهي معاملن، پاڻي وسيلن ۽ قانون جي وزارتن پنهنجو شروعاتي هوم ورڪ پورو ڪري ورتو. ڪجهه ڏينهن […]

ڀارت پهلگام واقعي جو جواب ايئن ڏئي جو ڇڪتاڻ پيدا نه ٿئي: آمريڪي نائب صدر

پاڪستان ذميوار ملڪ ۽ آمريڪا کي به اميد آهي ته پاڪستان جاچ ۾ سهڪار ڪندو: جي ڊي وينس واشنگٽن (انٽرنيشنل ڊيسڪ) آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس چيو آهي ته ڀارت کي پهلگام واقعي جو جواب اهڙي ريت ڏيڻ گهرجي جو وڏو علائقائي تڪرار پيدا نه ٿئي. آمريڪي نائب صدر چيو ته پاڪستان هڪ ذميوار […]

ڳڙهي خيرو ويجهو لعل شاهه  پوليس چوڪي تي ڏوهارين جي فائرنگ، اهلڪار زخمي

ڀنڊ روڊ تي لعل شاهه پوليس پڪٽ تي ڏوھارين حملو ڪري فائرنگ ڪئي: پوليس ڳڙهي خيرو (ويب ڊيسڪ) ڳڙهي خيري ويجهو لعل شاهه  پوليس چوڪي تي ڏوهارين جو حملو، فائرنگ ۾ اهلڪار زخمي ٿي پيو. پوليس جو چوڻ آهي ته ڀنڊ روڊ تي لعل شاهه پوليس پڪٽ تي ڏوھارين حملو ڪري فائرنگ ڪئي. جوابدارن جي […]

صدر مملڪت آصف علي زرداري سان وزيراعظم شهباز شريف جي ملاقات

ايوان صدر ۾ ٿيل ملاقات ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ قانون وارو وزير اعظم نذير تارڙ به شريڪ اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) صدر مملڪت آصف علي زرداري سان وزيراعظم شهباز شريف جي ملاقات. ايوان صدر ۾ ٿيل ملاقات ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ به شرڪت ڪئي. ملاقات […]

سنڌ سرڪار جو ڪراچي، سکر، لاڙڪاڻو ۽ حيدرآباد ۾ نوجوانن لاءِ نوان پروگرام شروع ڪرڻ جو فيصلو

روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ جديد ڊجيٽل تربيت شروع ڪئي ويندي: صوبائي وزير محمد بخش مهر ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ سرڪار جو ڪراچي، سکر، لاڙڪاڻو ۽ حيدرآباد ۾ نوجوانن لاءِ نوان پروگرام شروع ڪرڻ جو فيصلو، يوٿ سٽيزن جرنلزم ۽ يوٿ ايمرجنگ اسٽار پروگرام شروع ڪيو ويندو. صوبائي وزير محمد بخش مهر جو […]

Politics

Politics

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.