ڪسٽم عملدارن بندرگاهه تان 8 ڪروڙ ماليت جون کلون هٿ ڪري ورتيون
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي مان گڏهن جون کلون چين اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي وئي.
سنڌ ڪسٽم کاتي جي ٽيم بندرگاهه تان 8 ڪروڙ ماليت جون کلون هٿ ڪري ورتيون، ڪيس داخل ڪيو ويو.
ڪسٽم عملدران جو چوڻ آهي ته چمڙي جي شين جي شڪل ۾ 285 پارسل چين موڪليا پئي ويا.
چيڪنگ دوران پارسل مان 14 هزار گڏهن جون کلون مليون، ايڪسپورٽ پاليسي تحت گڏهن جي چمڙن جي برآمد تي پابندي آهي.