تازہ ترین

صوبائي وزير علي حسن زرداريءَ جي صدارت هيٺ ترقياتي رٿائن بابت اجلاس

علي حسن زرداري پاران عملدارن کي جاري ترقياتي رٿائون هلندڙ سال جون تائين مڪمل ڪرڻ جي هدايت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي ورڪس اينڊ سروسز ۽ جيل کاتي جي وزير علي حسن زرداري پاران لاڳاپيل کاتي جي عملدارن کي جاري ترقياتي رٿائون هلندڙ سال جون تائين مڪمل ڪرڻ جي هدايت.

سنڌ جي ورڪس اينڊ سروسز ۽ جيل کاتي جي وزير علي حسن زرداري جي صدارت هيٺ ترقياتي رٿائن بابت اجلاس ٿيو.

صوبائي وزير علي حسن زرداريءَ سنڌ جي مڙني ضلعن ۾ جاري ترقياتي رٿائن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

صوبائي وزير علي حسن زرداري چيو ته ايندڙ بجيٽ ۾ سنڌ جي سڀني ضلعن جا ترقياتي منصوبا شامل ڪيا ويندا.

صوبائي وزير، ورڪس اينڊ سروسز کاتي جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته سمورن ضلعن جي اسڪيمن جي ڪاغذي ڪارروائي مڪمل ڪري جلد رپورٽ پيش ڪئي وڃي.

صوبائي وزير علي حسن زرداري حيدرآباد، لاڙڪاڻو، سکر ۽ ميرپورخاص ڊويزن جي آفيسرن سان ملاقات پڻ ڪئي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.