تازہ ترین

ڀارت ۾ چونڊون ويجهو ايندي ئي فالس فليگ آپريشن ڪيا ويندا آهن: شرجيل انعام ميمڻ

ڀارت جي پاڪستان اندر دهشتگردي ۾ ملوث هجڻ جا پڪا ثبوت موجود آهن: پريس ڪانفرنس

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڀارت جي پاڪستان اندر دهشتگردي ۾ ملوث هجڻ جا پڪا ثبوت موجود آهن.

ڀارت پاڪستان خلاف عالمي سازش ڪندو رهندو آهي، ڀارت جي الزامن جي آزاد جاچ ٿيڻ گهرجي.

ڪراچيءَ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سينيئر صوبائي وزير چيو ته پاڪستان پاڻ پهلگام واقعي جي جاچ جي آڇ ڪئي.

پهلگام واقعي سان پاڪستان جو ڪو تعلق نه آهي، ڀارت ۾ چونڊون ويجهو ايندي ئي فالس فليگ آپريشن ڪيا ويندا آهن.

شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڀارت دهشتگردي کي هٿي وٺرائي رهيو آهي، پاڪستان جا 25 ڪروڙ عوام ڀارت جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهن.

سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان تي حملي جي ڪوشش ڀارت ۽ ان جي عوام لاءِ خودڪشي هوندي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.