تازہ ترین

گڏيل مفادن وراي ڪائونسل مان ڪئنال رد ڪرائڻ بعد وڏي وزير جي ڪراچي ايئرپورٽ آمد

صوبائي وزيرن، چونڊيل نمائندن ۽ جيالن  پاران سيد مراد علي شاهه جي شاندار آجيان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گڏيل مفادن وراي ڪائونسل مان ڪئنال رٿا رد ڪرائڻ بعد وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي ڪراچي ايئرپورٽ آمد.

صوبائي وزيرن، چونڊيل نمائندن ۽ جيالن  پاران سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي شاندار آجيان ڪئي وئي، جيئي ڀٽو، جيئي بلاول جي نعرن جي گونج.

سي سي آءِ ۾ سنڌ جو ڪيس ڀرپور نموني پيش ڪرڻ تي وڏي وزير جِي واکاڻ.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته ڪئنال رٿا واپس ٿي وئي، سڄِي سنڌ جي عوام کي واڌايون ڏيان ٿو.

هن چيو ته سنڌ حڪومت مئي ۽ جون  ۾ٻنهي منصوبن کي چيئلنج ڪيو،  سنڌ حڪومت جو ڪئنالن بابت پهرين ڏينهن کان موقف واضح هو.

ڪئنالن تي پروپيئگنڊا ڪندڙ منهن ڀر ڪريا آهن، بلاول ڀٽو زرداري، وزيراعظم سان ملاقات ڪئي ۽ مسئلو حل ڪرايو.

وڏي وزير چيو ته گڏيل اتفاق راءِ کان سواءِ ڪو به ڪئنال نه ٺهندو، سمورن صوبن کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏنو ويندو، ڪو به ڪئنال صوبن جي گڏيل رضامندي کان سواءِ نه ٺهندو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.