تازہ ترین

وفاقي حڪومت ڪئنال رٿا رد ٿيڻ جو نوٽيفڪيشن عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو

سنڌ هاءِ ڪورٽ سي سي آءِ اجلاس جي ڪارروائي عدالتي رڪارڊ جو حصو بڻائي ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت ڪئنال رٿا رد ٿيڻ جو نوٽيفڪيشن عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ سي سي آءِ اجلاس جي ڪارروائي عدالتي رڪارڊ جو حصو بڻائي ڇڏي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ارسا جي جوڙجڪ ۽ پاڻي دستيابي سرٽيفڪيٽ خلاف درخواست تي ٻڌڻي، ارسا جا نمائندا، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ۽ بئريسٽر ضمير گهمرو سميت ٻيا عدالت ۾ پيش.

وفاقي سرڪار جي وڪيل ايڊيشنل اٽارني جنرل آف پاڪستان عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪئي.

ايڊيشنل اٽارني جنرل آف پاڪستان جو چوڻ هو ته سي سي آءِ اجلاس ۾ ڪئنال رٿا ختم ڪئي وئي آهي.

ارسا پاران جاري ڪيل پاڻي دستيابي جو سرٽيفيڪيٽ به رد ڪيو ويو، ارسا ۾ سنڌ جو نمائندو ڪجھه ڏينهن اندر مقرر ڪيو ويندو.

هاڻي ڪئنالن جو منصوبو چئني صوبن جي گڏيل اتفاق سان شروع ٿيندو، سڀ معاملا گڏيل مفادات جي ڪائونسل ڏانهن ويندا.

وفاقي حڪومت پاران نوٽيفڪيشن جمع ڪرائڻ تي عدالت ڪئنالن وارو معاملو اڪلائي ڇڏيو، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي سنڌ مان ارسا جي نمائندي جي مقرري بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ارسا جي جوڙجڪ واري ڪيس جي ٻڌڻي 2 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.