تازہ ترین

تڪراري ڪئنالن واري معاملي تي بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جو ڪيس کٽي ورتو

پ پ چيئرمين سان ملاقات بعد وزيراعظم شهباز شريف نون ڪئنالن جو ڪم روڪرائي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تڪراري ڪئنالن واري معاملي تي بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جو ڪيس کٽي ورتو.

پ پ چيئرمين سان ملاقات بعد وزيراعظم شهباز شريف نون ڪئنالن جو ڪم روڪرائي ڇڏيو.

گڏيل راضپي سان فيصلو ٿيڻ تائين نوان ڪئنال نه ٺاهيا ويندا، صوبن جي اتفاق راءِ کان سواءِ ڪئنال واري معاملي تي وڌيڪ ڪا اڳڀرائي نه ٿيندي.

وزراعظم ۽ پ پ چيئرمين گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته طئي ٿيو ته 2 مئي تي سي سي آءِ اجلاس ۾ پ پ ۽ وفاقي حڪومت جي انهن فيصلن جي تائيد ڪئي ويندي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هُو وزيراعظم جي خاطري تي سندس ٿورائتو آهي، گڏيل رضامندي کان سواءِ ڪو ڪئنال نه ٺهندو.

ڪالاباغ ڊيم تي ٽن صوبن اعتراض واريا هئا، ان تي به گڏيل فيصلو ورتو ويو، اڄ اسان رڳو اهو طئي ڪري رهيا آهيون ته نوان ڪئنال نه پيا ٺهن.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.