تازہ ترین

پاڪستان ماحولياتي تبديلين جي اثر سبب غير امڪاني موسمن سان منهن پيو ڏئي: بلاول ڀٽو زرداري

بلاول ڀٽو زرداريءَ پاران گلگت بلتستان ۾ برسات سبب ٿيندڙ نقصان تي افسوس جو اظهار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ چيو آهي ته گلگت بلتستان سميت سمورو ملڪ ماحولياتي تبديلين جي ڪري غير امڪاني موسمن سان منهن ڏئي رهيو آهي.

بلاول ڀٽو زرداريءَ گلگت بلتستان ۾ برسات سبب ٿيندڙ نقصان تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته هڪ طرف اترين علائقن ۾ گليشئرز تيزيءَ سان ڳرڻ سبب گليشيئر ڍنڍون اٿلڻ سبب آبادي خطري ۾ پئجي وئي آهي ته ٻئي طرف اسان جا ڏاکڻيان علائقا سوڪهڙي جو شڪار آهن.

پ پ چيئرمين چيو ته گلگت بلتستان ۾ برساتن ۽ مٽيءَ جون ڇپون ڪرڻ سبب ڪيترن ئي شهرين جي ملڪيتن کي نقصان پهتو آهي.

هن چيو ته وفاقي حڪومت ۽ گلگت بلتستان حڪومت برسات ۽ مٽيءَ جون ڇپون ڪرڻ سبب متاثر ٿيلن جي بحاليءَ لاءِ فوري قدم کڻي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته غذر ۽ گھانچي سميت سموري گلگت بلتستان ۾ انٽرنيٽ، موبائيل سروس ۽ بجليءَ جي فراهميءَ کي يقيني بڻايو وڃي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.