تازہ ترین

ڪئنال معاملي تي وفاق جو سنڌ سان رابطو، وزيراعظم ۽ سنڌ جي وڏي وزير جي ملاقات طئي

پيغام موڪليو ويو آهي ته وزيراعظم ۽ سنڌ جي وڏي وزير وچ ۾ ملاقات جا اڄ يا سڀاڻي امڪان آهن: پ پ ذريعا

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) وفاقي حڪومت ڪئنال معاملي تي سنڌ حڪومت سان رابطو ڪيو آهي جنهن کان پوءِ وزيراعظم ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي وچ ۾ ملاقات طئي ٿي آهي.

ذريعن موجب وفاقي حڪومت طرفان سنڌ حڪومت سان رابطو ڪيو ويو آهي جنهن کان پوءِ وزيراعظم شهباز شريف ۽ سنڌ جي وڏي وزير وچ ۾ ملاقات طئي ڪئي وئي.

پيپلز پارٽي ذريعن موجب اسان کي پيغام موڪليو ويو آهي ته وزيراعظم ۽ سنڌ جي وڏي وزير وچ ۾ ملاقات جا اڄ يا سڀاڻي امڪان آهن.

ٻنهي اڳواڻن ۾ وچ ۾ ملاقات دوران پيپلز پارٽي جي کٽڪن، سنڌ ۾ هلندڙ احتجاج، سنڌ اسيمبليءَ ۾ منظور ٿيل ٺهراءَ سميت ڪئنالن جي معاملي تي پيپلز پارٽي پنهنجو موقف پيش ڪندي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.