تازہ ترین

پ پ چيئرمين جي وفاق کي وارننگ، راثا ثناءُ الله جو شرجيل انعام ميمڻ سان رابطو، معاملو ويهي حل ڪرڻ تي اتفاق

بلاول ڀٽو زرداري جي وارننگ بعد راڻا ثناءُالله جو وزيراعظم جي هدايت تي شرجيل انعام ميمڻ سان فون تي رابطو ڪيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بلاول ڀٽو زرداري جي وارننگ بعد ليگي اڳواڻ راڻا ثناءُالله جو وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سان فون تي رابطو.

ملاقات ڪري ڪينالن وارو معاملو ويهي حل ڪيو ويندو، ٻنهي اڳواڻن ۾ اتفاق.

راڻا ثناءُالله جو چوڻ هو ته ڪينالز بابت سنڌ سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون، وزيراعظم ۽ نوازشريف هدايت ڪئي ته سنڌ جا خدشا ختم ڪيا وڃن.

سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ وراڻيو ته پ پ به ڪينالز بابت وفاقي حڪومت سان ڳالهين لاءِ تيار آهي.

پيپلزپارٽي ۽ سنڌ جي ماڻهن کي تڪراري ڪئنالن جي معاملي تي خدشا آهن، پ پ سنڌ جي عوام لاءِ 1991ع ٺاهه تحت پاڻي جي منصفاڻي ورڇ چاهي ٿي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.