تازہ ترین

تڪراري ڪئنالن خلاف سڄي سنڌ اٿلي پئي، شهر شهر، واهڻ وستي سنڌوءَ خاطر درياهه ڌڻي رستن تي نڪري آيا

سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن ۽ سياسي، سماجي تنظيمن پاران انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو، ڄامشورو- سيوهڻ انڊس هاءِ وي بند

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تڪراري ڪئنالن خلاف سڄي سنڌ اٿلي پئي، شهر شهر، واهڻ وستي سنڌوءَ خاطر درياهه ڌڻي رستن تي نڪري آيا.

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي شاگردن ۽ سياسي سماجي تنظيمن پاران انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو، ڄامشورو_ سيوهڻ انڊس هاءِ وي تي رات کان لڳل ڌرڻي سبب ٽريفڪ مڪمل طور بند.

گاڏين جون قطارون لڳي ويون، ڌرڻي ۾ راڳي ٻالڪ سنڌي پهچي قومي گيت پيش ڪري ڌرڻي ۾ شامل نوجوانن جو جذبو اڀاريو.

چونڊڪو-سانگهڙ روڊ تي ٻئي ڏينهن به ڌرڻو، ڪيمپ قائم، ڪارپوريٽ فارمنگ سميت سنڌو نديءَ مان 6 غير قانوني ڪئنال ڪڍڻ خلاف سخت نعريبازي.

قبي سعيد خان ۾ درياهه ڌڻين جو احتجاجي مظاهرو، دڙو ۽ رتوديرو ۾ به شهري رستن تي نڪري آيا، ڇتي نعريبازي، پنجاب خلاف اڀ ڏاريندڙ نعريٰ

اڳواڻن جو چوڻ آهي ته سنڌو درياهه ۾ اڳ 70 سيڪڙو پاڻي کوٽ آهي، سنڌي ماڻهن جي روزگار جو ذريعو زراعت آهي.

هنن چيو ته سنڌوءَ مان نوان ڪئنال ڪڍي سنڌي ماڻهن کان وات جو گرهه کسيو  پيو وڃي، وفاق ڪئنال ڪڍڻ وارو فيصلو ترت واپس وٺي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.