تازہ ترین

سنڌو درياهه جي پاڻيءَ تي اڏجندڙ تڪراري ڪئنال رٿا خلاف سنڌ سراپا احتجاج

ڪنڌ ڪوٽ، ڪشمور، ڊکڻ، خيرپور، ميهڙ، لاڙڪاڻي ۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ ريليون، مارچ، مظاهرا ۽ ڌرڻا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌو درياهه جي پاڻيءَ تي اڏجندڙ تڪراري ڪئنال رٿا خلاف سنڌ سراپا احتجاج، ريليون، مارچ، مظاهرا ۽ ڌرڻا.

ڪنڌڪوٽ ۾ ايس ٽي پي جي سڏ تي درياهه تي 6 ڪئنال ڪڍڻ خلاف گولا موڙ تي ڌرڻو، ڪنڌڪوٽ-ڪشمور روڊ بند، گاڏين جون قطارون لڳي ويون.

ڊکڻ ۾تڪراري ڪئنالن خلاف آبادگارن، پورهيتن ۽ مزدورن جو احتجاج ۽ ريلي، رتوديرو ۾ سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ واري رٿا خلاف نوجوان جو ٻارڙن سميت احتجاج.

خيرپور ۾ ڪئنالن خلاف سينٽرل جيل وٽ عورت جو ڳوٺاڻن سان گڏجي احتجاج، روڊ بلاڪ، ڳوٺاڻن خيرپور کان ڪنڌرا ۽ روھڙي ويندڙ روڊ بند ڪري ڇڏيو، ڪيتريون گاڏيون بيهجي ويون.

ميهڙ ۾ بار ايسوسيئيشن جي سڏ تي وڪيلن جو تڪراري ڪئنالن خلاف عداليت ڪاررواين جو بائڪاٽ، مظاهرو.

لاڙڪاڻي  ۾ کدڙا فقير تڪراري ڪئنالن خلاف رستن تي نڪري آيا، ريلي ڪڍي شهر جو گشت.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته سنڌو درياهه اسان جو جياپو آهي، سنڌوءَ جي ڦڙي ڦڙي تي سنڌين جو حق آهي، سنڌو کي بچائڻ لاءِ مزاحمت ڪنداسين.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.