تازہ ترین

سنڌو درياهه مان تڪراري ڪئنال ڪڍڻ خلاف ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي وڪيلن جو ٽئين ڏينهن به ڌرڻو

ڪراچي، حيدرآباد، سکر، نوابشاهه، نوشهروفيروز ۽ لاڙڪاڻي سميت ٻين شھرن کان پهتل وڪيل ڌرڻي ۾ ويٺل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌو درياهه مان تڪراري ڪئنال ڪڍڻ خلاف ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي وڪيلن جو ٽئين ڏينهن به ڌرڻو جاري.

ڪراچي، حيدرآباد، سکر، نوابشاهه، نوشهروفيروز ۽ لاڙڪاڻي سميت ٻين شھرن کان پهتل وڪيل ڌرڻي ۾ ويٺل.

سياسي، سماجي ۽ قومپرست تنظيمن جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن به ٻٻر لءِ باءِ پاس تي لڳل ڌرڻي ۾ موجود.

وڪيل اڳواڻن جو چوڻ آهي ته سنڌو درياهه جو پاڻي سنڌ ۽ سنڌين جي جياپي جو وسيلو آهي، جدوجهد ڊگهي به ٿي سگهي ٿي. هنن چيو ته جيستائين وفاقي حڪومت تڪراري ڪئنالن واري منصوبي جي خاتمي جو نوٽيفڪيشن جاري نٿي ڪري تيستائين روڊن تي ويٺل هونداسين.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.