اسلام آباد ۽ پنجاب ۾ الرٽ جاري، خيبرپختونخواه ۾ برسات ۽ جابلو علائقن ۾ برفباري جي اڳڪٿي
اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) موسميات کاتي پاران ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات جي اڳ ڪٿي.
اسلام آباد ۽ پنجاب ۾ الرٽ جاري، خيبرپختونخواه ۾ برسات ۽ جابلو علائقن ۾ برفباري جي اڳڪٿي ڪئي وئي.
نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر جي ترجمان جو چوڻ آهي ته اهم شاهراهه مالاڪنڊ ۽ هزارا ڊويزن ۾ لينڊ سلائيڊنگ جو خطرو آهي.
تيز برسات سبب فليش فلڊنگ جي صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي، تيز برسات دوران غير ضروري سفر کان پاسو ڪيو وڃي.
موسميات کاتي پاران پشاور، مردان، نوشهره، سوات ۽ ان جي ڀر پاسي وارن علائقن ۾ برسات جو امڪان پڻ ظاهر ڪيو ويو آهي.