سنڌ هاءِ ڪورٽ ارسا سرٽيفڪيٽ جي بنياد تي ڪينالن جي اڏات روڪڻ واري اسٽي ۾ واڌ ڪري ڇڏي
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم کان پوءِ ڪينالن تي ڪم روڪي ڇڏيو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ارسا سرٽيفڪيٽ جي بنياد تي ڪينالن جي اڏات روڪڻ واري اسٽي آرڊر ۾ واڌ ڪري ڇڏي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ارسا جي جوڙجڪ ۽ پاڻي دستيابي بابت سرٽيفڪيٽ تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران ارسا جو سيڪريٽري، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ۽ ايڊيشنل اٽارني جنرل سميت ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا.
ان موقعي تي ايڊيشنل اٽارني جنرل جو چوڻ هو ته سنڌ هاءِڪورٽ جي حڪم کان پوءِ ڪينالن تي ڪم روڪيو ويو آهي.
ٻڌڻيءَ دوران عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا سنڌ مان ارسا ۾ وفاق جي ميمبر جي مقرري ڪئي وئي آهي؟
جواب ۾ ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي جواب ڏيندي چيو ته عدالتي حڪم ۾ اهڙي ڪا به هدايت ناهي ڪئي وئي.
جنهن تي جسٽس فيصل ڪمال عالم پڇاڻو ڪيو ته عدالتي حڪم اڳ ئي موجود آهي، ان تي عمل ڇو ناهي ڪيو ويو؟
جنهن تي ارسا سيڪريٽري عدالت کي ٻڌايو ته عدالتي فيصلي تحت وفاق ۾ سنڌ جي ميمبر جي مقرري اسان جو اختيار ناهي؟
جنهن تي عدالت چيو ته هي معمولي ڪيس ناهي، معاملي جي حساسيت کي سمجهو، حڪم تي عمل ڪرڻو پوندو.
ان موقعي تي ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کان استدعا ڪئي ته جواب جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت ڏني وڃي.
عدالت رمارڪس ڏنا ته قومي اتحاد کي محفوظ ۽ برقرار رکڻ پهرين اوليت هجڻ گهرجي، مهلت ڏئي ڇڏينداسين پر عدالتي حڪمن تي عمل ڪيو وڃي.