تازہ ترین

اسلام آباد: 2 ڏينهن واري سمنڊ پار پاڪستانين جي ڪنوينشن کي اڄ وزير اعظم ۽ آرمي چيف خطاب ڪندا

دنيا آڏو ملڪ جي هاڪاري سڃاڻپ اجاگر ڪرڻي آهي، سيڪيورٽي ادارا ۽ پوليس دهشتگردي خلاف قربانيون پيا ڏين: اياز صادق

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ ٻن ڏينهن واري سمنڊ پار پاڪستانين جي ڪنوينشن کي اڄ وزير اعظم شهباز شريف ۽ آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير خطاب ڪندا.

ڪنوينشن جي ٻئي ڏينهن خطاب ڪندي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته دهشتگردي پاڪستان کي سڀ کان وڌيڪ متاثر ڪيو آهي.

دنيا آڏو ملڪ جو هاڪاري تشخص اجاگر ڪرڻو آهي، سيڪيورٽي ادارا ۽ پوليس دهشتگردي خلاف قربانيون ڏئي رهيا آهن.

اياز صادق چيو ته سفارتڪاري ۾ پارليامينٽ جو به اهم ڪردار آهي، هر هڪ ملڪ لاءِ رابطا ۽ لاڳاپا اهيمت جوڳا هوندا آهن.

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق وڌيڪ چيو ته سڀني ملڪن سان گڏيل احترام جي بنياد تي لاڳاپا چاهيون ٿا.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.