ٽرالر مسافر وين مٿان چڙهي ويو، ڪيترائي مسافر ڦاسي پيا، ريسڪيو عمل جاري
ڪرڪ (نيشنل ڊيسڪ) ڪرڪ ۾ انڊس هاءِ وي تي ٽرالر ۽ وين ۾ خوفناڪ ٽڪر، 10 ڄڻا فوت ٿي ويا.
ريسڪيو عملدارن جو چوڻ آهي ته ٽرالر مسافر وين مٿان چڙهي ويو، ڪيترائي مسافر ڦاسي پيا.
حادثي جي اطلاع ملندي ئي مقامي ماڻهن سميت ريسڪيو اهلڪار امدادي ڪمن ۾ مصروف ٿي ويا.
حادثي جي زخمين ۽ فوتين کي ڪرڪ ۽ ان جي آسپاس جي اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو.