تازہ ترین

سنڌ هاءِ ڪورٽ وفاقي حڪومت کي تڪراري ڪئنالن تي وڌيڪ ڪم کان روڪي ڇڏيو

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌ مان ارسا جي ميمبر جي مقرري نه ٿيڻ خلاف  توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ وفاقي حڪومت کي تڪراري ڪئنالن تي وڌيڪ ڪم کان روڪي ڇڏيو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌ مان ارسا جي ميمبر جي مقرري نه ٿيڻ خلاف  توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

پاڻي واري وفاقي وزارت ۽ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جي سيڪريٽرين کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري ڪيا ويا.

ٻڌڻيءَ دوران عدالت رمارڪس ڏنا ته ڇو نه پاڻي واري وزارت جي وفاقي سيڪريٽري انعام الله ڌاريجو کي عدالت ۾ گهرايو وڃي؟

بئريسٽر ضمير گھمرو چيو ته وفاقي حڪومت 12 مئي 2017ع جي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي نظرانداز ڪري ارسا ۾ سنڌ جو ميمبر مقرر نه ڪيو آهي، جيڪا عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي آهي.

ارسا 24 جنوري 2024ع تي چولستان ۽ ٿل ڪئنال فيز ٽو جي اڏاوت لاءِ پاڻي جي دستيابي جو سرٽيفڪيٽ پڻ جاري ڪيو.

بئريسٽر ضمير گھرو عدالت ۾ پنهنجا دليل جاري رکندي چيو ته ارسا جي جوڙجڪ غير قانوني عمل آهي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.