سنڌ کي خدشا هئا ته ڪئنال ٺهيا ته پاڻي کوٽ ٿيندي، لنڪ ڪئنالز ذريعي سنڌ جي پاڻي تي ڪٽ لڳايو ويو، ضرورت پئي ته ڪئنالز معاملي تي وفاقي حڪومت جي حمايت ختم ڪنداسين.
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پيپلزپارٽي جي سينيٽر ضمير گهمرو چيو آهي ته ارسا پاران جاري ڪيل سرٽيفڪيٽ غيرقانوني آهي، وفاقي حڪومت سنڌ کي باءِ پاس ڪري رهي آهي.
پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ضمير گهمرو جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت ڪئنالن خلاف احتجاج ڪيو آهي، سي سي آءِ جي فيصلي تائين ڪئنال ٺاهڻ غيرقانوني عمل آهي.
سنڌ کي خدشاهئا ته ڪئنال ٺاهيا ويا ته پاڻي کوٽ ٿيندي، لنڪ ڪئنالز ذريعي سنڌ جي پاڻي تي ڪٽ لڳايو ويو، ضرورت پئي ته ڪئنالز معاملي تي وفاقي حڪومت جي حمايت ختم ڪنداسين.
بئريسٽر ضمير گھمرو چيو ته ايڪنڪ جي منظوري کان سواءِ ڪئنالن جو ڪم شروع ٿيو، سنڌ هاءِڪورٽ ارسا سرٽيفڪيٽ جي بنياد تي ڪئنالز جو ڪم روڪي ڇڏيو آهي.
عدالتي حڪم تحت ارسا سرٽيفڪيٽ تي ڪو به ڪئنال نه ٺهندو، عدالت ارسا جي پاڻي دستيابي واري سرٽيفڪيٽ تي اسٽي آرڊر جاري ڪيو.
هن چيو ته عدالتي اسٽي آرڊر بعد ڪئنالن تي اڏاوتي ڪم شروع نٿو ٿي سگهي، پنجاب جي هر اسڪيم مان سنڌ صوبو متاثر ٿيندو آهي.
اسان کي 1991ع واري پاڻي معاهدي تي به اعتراض آهن، نگران حڪومت جي دور ۾ ارسا پاڻي دستيابي جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو، سنڌ جي عوام ان تي احتجاج ڪيو، اڄ به اهو سلسلو جاري آهي.
ضمير گھمرو چيو ته 2017ع ۾ عدالت فيصلو ڏنو ته فيڊرل ميمبر سنڌ مان مقرر ڪيو ويندو، اڃا تائين ارسا ۾ سنڌ مان وفاق جو ميمبر مقرر ناهي ڪيو ويو.