صدر مملڪت جي صحت بابت سوشل ميڊيا تي غلط خبرون هلايون ويون: ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهيون
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڊاڪٽر عاصم حسين چيو آهي ته صدر مملڪت آصف علي زرداري جي طبعيت ۾ سڌارو اچي رهيو آهي.
صدر جي صحت بابت ڊاڪٽر عاصم حسين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عيد نماز کان اڳ صدر آصف علي زرداري جي طبعيت خراب ٿي هئي.
ڊاڪٽر عاصم چيو ته عيد نماز بعد مون کي صدر فون ڪري ٻڌايو ته طبيعت خراب ٿي وئي، مان ترت ڪراچيءَ مان نوابشاهه پهتس.
هن چيو ته صدر آصف علي زرداري کي علاج لاءِ ترت نوابشاهه کان ڪراچي منتقل ڪيو ويو، سومر ڏهاڙي ئي صدر آصف علي زرداري جو علاج شروع ڪيو ويو.
صدر جي ضروري ٽيسٽن کان پوءِ صدر آصف زرداري کي ڪورونا ظاهر ٿي، صدر جي صحت بابت سوشل ميڊيا تي غلط خبرون هلايون ويون.
ڊاڪٽر عاصم حسين چيو ته صدر آصف زرداري کي هڪ ٻن ڏينهن ۾ اسپتال مان ڊسچارج ڪيو ويندو، ملڪ ۾ ڪورونا اڃا به موجود آهي پر ايترو خطرناڪ ناهي.