تازہ ترین

سنڌوءَ تي ڌاڙي خلاف مختلف شهرن ۾ سياسي سماجي ڌرين پاران احتجاجي ريليون، مظاهرا ۽ ڌرڻا جاري

بلڙي شاهه ڪريم، قمبر، نيو سعيد آباد، مٺياڻي ۽ ٻين شهرن ۾ سياسي سماجي ڌرين پاران احتجاج جاري رکيو ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌوءَ تي ڌاڙي خلاف مختلف شهرن ۾ سياسي سماجي ڌرين پاران احتجاجي ريليون، مظاهرا ۽ ڌرڻا.

بلڙي شاهه ڪريم ۾ تڪراري ڪئنالن خلاف شهري، آبادگار، هاري، پورھيت روڊن تي نڪري آيا، پريس ڪلب کان شهيد بلو پنهور چوڪ تي ريلي ڪڍي ڌرڻو.

قمبر ۾ ڳوٺ ڀاوند لاکا جي رهواسين ٽريڪٽر ٽرالين جي ريلي ڪڍي، رتوديرو ۾ تعلقي بار ايسوسيئيشن پاران ٽوڪن هڙتال ۽ مظاهرو ڪيو.

نيوسعيدآباد ۾ بيداري پهچڻ تي شهرين پاران شاندار آجيان، موهن جو دڙو ۾ سنڌ سڀا، سنڌي ادبي سنگت جو شارٽ مارچ، جيڪب آباد ۾  احتجاجي مظاهرو ڪيو.

مٺياڻي ۾ شٽربند هڙتال ڪري مظاهرو ڪيو ويو، اڳواڻن جو چوڻ آهي ته سنڌو درياهه جي پاڻيءَ تي سڀ کان پهرين سنڌ واسين جو حق آهي.

مظاهرن جي اڳواڻ جو وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍي سنڌ سڪائڻ جي سازش بند ڪئي وڃي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.