تازہ ترین

پاڪستان ۾ پاڻي جي کوٽ سنگين، تڪڙن قدمن جي ضرورت آ: صدر/وزيراعظم

آبي ذخيرن جي تحفظ ۽ جٽادار زرعي طريقن کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي: آصف علي زرداري/ شهباز شريف

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) صدر مملڪت آصف علي زرداريءَ چيو آهي ته پاڪستان ۾ پاڻي جي کوٽ سنگين آهي، تڪڙا قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.

آبي ذخيرن جي تحفظ ۽ جٽادار زرعي طريقن کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي، پيئڻ جي صاف پاڻي جي دستيابي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کڻڻ ضروري آهن.

صدر آصف علي زرداريءَ پاڻي جي عالمي ڏهاڙي تي پيغام جاري ڪندي چيو ته 2022ع ۾ ٻوڏ تباهي آندي، جنهن جا ملڪ تي وڏا اثر پيا.

جٽادار طريقن سان پاڪستان کي موسمياتي تبديلين جي اثر کان بچائي سگهجي ٿو.

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڻي جي تحفظ لاءِ سنڌ طاس معاهدي تي اثرائتو عمل ضروري آهي.

زمين جي حفاظت لاءِ اجتماعي قدم کڻڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، پاڪستان موسمياتي تبديلين جي اثرن کي منهن ڏئي پيو.

موسمياتي تبديلين سبب ٻوڏ، گرمي جي شدت ۽ ڏڪار ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.