تازہ ترین

سنڌوءَ مان غير قانوني ڪئنالن خلاف سموري سنڌ ۾ احتجاج جو سلسلو جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌو درياهه تي تڪراري ڪينال ٺاهڻ خلاف سموري سنڌ ۾ احتجاجن جو سلسلو جاري آهي.

مٺي ۾ عورتون توڙي مرد روڊن تي نڪري آيا، بلاول پارڪ کان ڪشمير چوڪ تائين شارٽ پيادل مارچ ۽ ڌرڻو هنيو.

واهي پانڌي ۾ ٻارڙن احتجاجي ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي، سيوهڻ ۾گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج جي استادن ۽ شاگردن جي ريلي ڪڍي.

گمبٽ ۾ تڪراري ڪينالن خلاف سياسي سماجي تنظيمن جي گڏجاڻي، ريلي ڪڍڻ جو اعلان.

لاڙڪاڻو، ٺٽو، عمرڪوٽ، قمبر، رتوديرو ۽ مانجهند ۾ به احتجاج ڪيو ويو ، اڳواڻن جو چوڻ آهي ته سنڌو درياهه مان تڪراري ڪينال ڪڍڻ سان سنڌ بنجر بڻجي ويندي.

سنڌ جي عوام سنڌو تي ڪينال ٺاهڻ واري منصوبي کي رد ڪري ڇڏيو آهي  وفاقي حڪومت فوري فيصلو واپس وٺي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.