تازہ ترین

سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف وڪيلن جو سي ايم هائوس اڳيان امڪاني احتجاج، ڪراچيءَ جا مک رستا سيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) حيدرآباد مان نڪتل وڪيلن جو مارچ ڪراچي پهچڻ شروع، وزيراعليٰ هائوس ويندڙ رستا سيل ڪيا ويا.

سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف وڪيلن جي اعلانيل احتجاج جي سڏ تي ڪراچي ۾ سڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪئي وئي آهي.

پوليس پاران ڪراچيءَ جي گورا قبرستان ايف ٽي سي بلڊنگ وٽان ڊمپر بيهاري روڊ بند ڪيو ويو آهي، جڏهن ته موقعي تي پوليس ۽ رينجرز جا وڏا اٽالا پڻ موجود آهن.

وڪيلن جي سي ايم هائوس اڳيان احتجاج جي سڏ بعد ٽول پلازا ڪراچي تي پڻ پوليس ۽ رينجرز جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.