دبئي (اسپورٽس ڊيسڪ) ڀارت جو اسٽار بيٽسمين ورات ڪوهلي نيوزيلينڊ جي خلاف آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافيءَ جي فائنل کان اڳ زخمي ٿي پيو.
آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافيءَ جو فائنل آچر جي ڏينهن نيوزيلينڊ ۽ ڀارت جي وچ ۾ دبئي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ کيڏيو ويندو.
ڪوهلي کي فائنل کان اڳ جمعي جي ڏينهن انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل اڪيڊمي ۾ نيٽ پريڪٽس دوران معمولي ڌڪ لڳو هو.
رپورٽ موجب ڪوهلي نيٽ ۾ فاسٽ بالرن خلاف بيٽنگ ڪري رهيو هو، جنهن دوران هڪ تيز بال سندس گوڏي تي لڳو، جنهن بعد هن فوري پريڪٽس روڪي ورتي.
ڀارتي ٽيم جي فزيو اسٽاف فورن ڪوهلي جو معائنو ڪيو ۽ کيس اسپري لڳايو ۽ متاثر جڳهه تي بينڊيج پڻ ٻڌي ڇڏيو.
ڌڪ لڳڻ باوجود ڪوهلي گرائونڊ ۾ موجود رهيو ۽ باقي ٽريننگ سيشن کي ڏسندو رهيو ۽ هن پنهنجي فٽنس بابت ڪوچنگ اسٽاف کي پڻ ٻڌايو.
بعد ۾ ڀارتي ڪوچنگ اسٽاف واضح ڪيو ته ڪوهلي جو ڌڪ ڪو گھڻو خراب ناهي، هو فائنل ۾ کيڏڻ جي لاءِ مڪمل طور فٽ آهي.