ٻٻر لوءِ (ويب ڊيسڪ) ٻٻرلوءِ ڀرسان موڙهه واري علائقي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ عورت قتل.
جوابدارن جي فائرنگ ۾ 40 ورهين جي شميم شيخ زخمي ٿي پئي جيڪا اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي.
مقتولا جي مڙس جو چوڻ آهي ته جوابدارن گهر کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، باهه کانپوءِ فائرنگ ڪري گھرواري کي قتل ڪيو.