تازہ ترین

رمضان پيڪيج جو اعلان، 40 لک خاندان ۽ 2 ڪروڙ ماڻهو فائدو حاصل ڪندا

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) رمضان پيڪيج مان 40 لک خاندان ۽ 2 ڪروڙ ماڻهو پيڪيج مان فائدو حاصل ڪندا، مستحق خاندانن کي ڊجيٽل والٽ ذريعي پنج هزار رپيا ڏنا ويندا.

هن ڀيري رمضان پيڪيج ۾ شفافيت کي يقيني بڻايو ويندو. وزيراعظم شهباز شريف رمضان پيڪيج 2025 جو افتتاح ڪري ڇڏيو.

سندس چوڻ آهي ته هن ڀيري رمضان پيڪيج کي سولو بڻايو ويو آهي، قطارن ۾ بيهڻو نه پوندو.

وزيراعظم جو چوڻ هو ته گذريل رمضان جي ڀيٽ ۾ هن ڀيري مهانگائي جي شرح ۾ گهٽتائي آئي آهي.معاشي بهتري لاءِ اثرائتا قدم کنيا پيا وڃن.

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته گذريل ڏينهن نوشهرا ۾ دهشتگردي جي افسوسناڪ واقعو پيش آيو، تازو ٿيل دهشتگردي جي واقعن جي سببن کان سڀ واقف آهن.

ملڪ مان دهشتگردي جي ناسور کي پاڙ کان ختم ڪنداسين، جنهن لاءِ سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ڪي پي حڪومت جوابدارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.